اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن جي ??اضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي جي ??اءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ اداري جي ??وجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تج??يز ڏني آهي. ڪميٽي تعليمي مقصدن جي ??اءِ مخصوص چينل قائم ڪرڻ جي ??ڻ تج??يز پيش ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين پولين بلوچ جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي وي بابت ايجنڊا ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي جي ??عاملي تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي پي ٽي وي کي فيملي چينل جو تشخص برقرار رکڻ ۽ ان کي موجوده رجحانن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي چيو ته پي ٽي وي وٽ انساني وسيلن جي بي پناهه صلاحيت ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر موجود آهي جنهن کي ان جي اڳوڻي حيثيت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ??اءِ استعمال ڪيو وڃي. ڪميٽي هڪ تعليمي چينل جي تج??يز پڻ ڏني ڇو ته ڪوويڊ 19 دوران پي ٽي وي جي ذريعي تعليم فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب ثابت ٿيو هو. ڪميٽي پيمرا ۽ پي آءِ ڊي کي هدايت ڪئي ته اهي ميڊيا ورڪرز جي ??گهارن ۽ رهتن جي ادائيگي تي پنهنجون ڪوششون جاري رکن. پي ٽي وي ۽ پي بي سي جي ??ستقل سربراهن جي ??قرري جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳوڻي اجلاس جي سفارشن تي عملدرآمد بابت آگاهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ٻڌايو ته ٻنهي ادارن جي بورڊز جي ??ئين سر جوڙجڪ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. پي بي سي جي ??ستقل ڊائريڪٽر جنرل ۽ پي ٽي وي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر جي ??قرري بورڊ جي ??وٽيفڪيشن کانپوءِ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته معاشري جي ??ختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٻنهي ادارن جي بورڊز ۾ شامل ڪرڻ جي ??اءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي وي جي ??قتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ۾ موجوده انساني وسيلن، مالياتي صورتحال، مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي ۽ پيداواري سرگرمين بابت جامع پريزنٽيشن ڏني. هن ٻڌايو ته سرڪاري نشرياتي اداري کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ڏسندي موجوده حڪومت قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ نجي شعبي مان اينڪرز جي شموليت، جديد اوزارن ۾ سيڙپڪاري، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي کانسواءِ مواد جي جدت شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ مالياتي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ چٽاڀيٽي اگهن تي اشتهارن جي ??اءِ موجوده مالياتي حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ، بجيٽ ڪنٽرول قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آپريشنل لاڳت ۾ گهٽتائي شامل آهي. هيومن ريسورس جي اصلاح جي حوالي سان مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي ??لازمن کي جديد نشرياتي ٽيڪنالاجي، مواد جي تخليق ۽ انتظام جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن جدت کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ باصلاحيت تخليقي نوجوان ٽيلينٽ کي سامهون آڻي سگهجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??يمبرن پي ٽي وي کي پنهنجي ??اظرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ موجوده دور جي گهرجن موجب تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پي ٽي وي جي حالات حاضره جي ??روگرامن ۾ مخالف ڌر جي ??يمبرن کي گهرائڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪميٽي ميمبرن پي ٽي وي ۾ پروڊڪشن سهولتن جي بحالي تي زور ڏنو جنهن کي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو هو. هن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ سرڪاري ميڊيا ادارن جا وسيلا گڏ ڪرڻ جي تج??يز پڻ ڏني. ڪميٽي سمورين پي ٽي وي اسٽيشنن تي عملي، انفراسٽرڪچر ۽ گاڏين جي تفصيل کانسواءِ نجي شعبي مان ڀرتي ڪيل اينڪرز کي ملندڙ پئڪيجز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ اداري جي ??ارڪيٽنگ جي حڪمت عملي بابت جامع پريزنٽيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڪرن عمران ڊار، مهتاب اڪبر راشدي، شرميلا فاروقي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد مقداد علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر پي آءِ ڊي، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان، پيمرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران پاڪستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور، پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria