اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ت?? جابل?? علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ت?? گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن ت?? هلڪي برسات، بلند ۽ مٿانهين وارن جبلن ت?? هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ت?? سنڌ ۾ گرم رهي جڏهن ت?? اسلام آباد، پوٺوهار خ??ي، گلگت بلتستان، اپر خيبر پخ??ون??وا ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي، ٽنڊو ڄام ۾ 40، مٺي، حيدرآباد، لسٻيلو، تربت ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز