اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم اجلاس ۾ اي سي او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي سي او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خط??ب ۾ اي سي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خط??ي بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظم اي سي او ڪلين ??نر??ي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ڊسمبر تي ايران جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا