گڏيل قومون -28 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي، ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي کي بحال ڪرڻ ۽ ان تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي جنيوا جي آفيس ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 52هين اجلاس جي افتتاهي ويهڪ جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامي تي عملدرآمد ۽ ان تي مڪمل طور تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 75 سال اڳ اپنايو ويو هو ۽ اهو پڌرنامو پهريون ڀيرو ا??تيارن جي وضاحت ڪري ٿو، جيڪو هر هڪ تي ۽ هميشھ لاڳو ٿئي ٿو. هن چيو ته انساني حقن جو عالمي پڌرنامو انساني حقن کي منظم ڪري ٿو جنهن ۾ زندگي جا حق آزادي ۽ سلامتي، قانون آڏو برابري، اظهار جي راءِ جي آزادي، پناه?? جي ڳولا، صحت تعليم وغيره شامل آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان انساني حقن جو عالمي پڌرنامو جيڪو ا??ان جو گڏيل منصوبو هئڻ گهرجي ان جو ا??ترام نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو انتهائي غربت ۽ بک ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي 3.5 ارب ماڻهو موسمياتي تبديلين جي ڪري ڌرتي جي گولي تي گرم ترين هنڌن تي رهن ٿا. اهي وسيع ع??ائقا تيزي سان انساني حقن جي تباهي جو زون بڻجي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته انساني حقن جي عالمي پڌرنامي کي بحال ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ گهرجي. انتونيو چيو ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ فوت ٿيل ميڊيا ڪارڪنن جي انگ ۾ خوفناڪ حد تائين 50 سيڪڙو ا??افو ٿيو آهي.
انساني حقن جي عالمي پڌرنامي تي عملدرآمد ۽ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج