گڏيل قومون _24 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ اجتماعي قبرن بابت پريشان ڪندڙ رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن ۾ فلسطينين جا لاش مبينه طورتي ڪپڙن کان آجها مليا آهن . ۽ انهن جا هٿ ٻڌل آهن . جنهن سان غزه ۾ جاري اسرائيل جي جارحيت دوران جنگي ڏ??هن بابت گهري ڳڻتي ٿئي ٿي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر ) گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌائي . رپورٽ مطابق اها صورتحال گذريل هفتي جي آخ?? ۾ ??رڪزي غزه جي علائقي خان يونس جي ناصر ا??پتال ۽ اتر ۾ الشفا اسپتال ۾ زمين هيٺ دٻيل ۽ ڪچري سان ڍڪيل ڪي??را??ي لاش ملڻ بعد سامهون آئي . ناصر ا??پتال ۾ 283 لاش مليا آهن جنهن مان 42 جي سڃاڻپ ٿي ??ئي آهي . گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان روينا شمداساني چيو ته شهيد ٿي ويلن ۾ مبينه طورتي بزرگ ، عورتون ۽ زخمي شامل هئا جڏهن ته ٻين ماڻهن جا هٿ ٻڌل ڪپڙن کان آجها لاش مليا آهن .
غزه ۾ اجتماعي قبرون اسرائيل جو سنگين جنگي ڏوهه ، ماڻهن جا ڳريل لاش مليا آهن ، گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج