ابوجا _ 18 آڪٽوبر (اي پي پي ) نائجيريا ۾ دستن جي بيماري سبب فوتين جو ان?? 378 ٿي ??يو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان وبا سبب فوتين ۾ هلندڙ مهيني دوران 19 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون . نائجيريا ۾ گذريل جنوري کان شروع ٿيل ان وبا سبب متاثر ماڻهن جو ان?? 14 هزار کان وڌي ??يو آهي. نائجيريا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اين?? پريوينشن (اين سي ڊي سي) جي سربراهه جيڊ ادريس گادي واري شهر ابوجا ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته 13 آڪٽوبر تائين ملڪ جي 36 مان 35 رياستن ۾ دستن جي وبا جا 14،237 ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن ۾ فوتين جي شرح 2.7 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ دستن جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ جو سبب ٻوڏ جو نقصان ، صاف پاڻي جي عدم فراهمي خاص طورتي ذڪر جوڳا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو