گڏيل قومون- 10 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان پرڏيهي قبضن ۽ آبهوا ۾ تبديلين سبب متاثر 30 ڪروڙ ماڻهن جي مدد لاءِ عالمي قدمن ??ي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته دنيا کي پيش ايندڙ بحرانن سبب ڪروڙين انسانن کي شديد خطرا لاحق آهن. ??اڪ??تاني سفير پرڏيهي ملڪن جي قبضي کان وٺي سڄي دنيا ۾ لکين متاثرن جي مدد ۽ تحفظ ۽ موسمي??تي تبديلي سبب پيش ايندڙ هنگامي صورتحال جي بنيادي ڪارڻن کي حل ڪرڻ تي زور ڀريو. عثمان جدون جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته دنيا ۾ 1945ع کان پوءِ تڪرار اهڙيءَ طرح تي پهچي چڪا آهن جنهن سان تقريبن 308.5 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن کي انساني مدد ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. ??اڪ??تاني نمائندي خطاب ڪندي عالمي سطح تي هنگامي انساني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن ??ي امدادي ايجنسين ۽ عملي خاص طور تي فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن ??ي ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن نوٽ ڪرايو ته غزه ۾ 3 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻ تائين يو اين آر ڊبليو اي جي 228 ميمبرن خدمتون سرانجام ڏيندي پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا آهن. هن گڏيل قومن ??ي ايجنسي انروا سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ??اڪ??تان گڏيل قومن ??ي چارٽر، عالمي قانون، انصاف بابت عالمي عدالت (آءِ سي جي) مقرر ڪيل عارضي قدمن ۽ 19 جولاءِ 2024ع جي عدالت جي گڏيل صلاح مشوري جي کلي ڀڃڪڙي ڪندي اين آر ڊبليو اي جي غزه ۾ امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪري ٿو. هن نوٽ ڪيو ته اسرائيلي حڪومت طرفان بي گناهه فلسطينين خلاف جاري ڏاڍ جي ڏوهن سبب فوتگين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسپتالن، مسجدن، گرجا گهرن، اسڪولن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي به نه بخشيو ويو. ??اڪ??تاني نمائندي سمورن ملڪن تي زور ڀريو ته هو فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي فوج جي ڏوهن جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي ۽ فلسطيني ڌرتيءَ تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي واپس وٺڻ لاءِ قدم کڻي. هن موسمي??تي تبديليءَ کي هڪ غير معمولي چئلينج قرار ڏيندي ويجهڙ ۾ سوڪهڙي، ٻوڏ، طوفان، هيٽ ويوز، وڌندڙ گرمي پد ۽ ٻين شديد موسمي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن سمورن عملن جي تباهي آڻيندڙ اثرن معاش، خوراڪ جي عدم تحفظ، مختلف بيمارين جي ڦهلاءُ ۽ چُرپُر کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته موسمي??تي آفتن عورتن ۽ ٻارن، پوڙهن، معذور ماڻهن، بي گهر ماڻهن، غريب ۽ پُٺتي پيل ماڻهن، گهٽ اُسرندڙ ملڪن ۽ ڊگهن تڪرارن کي مُنهن ڏيڻ وارن ملڪن کي غير متناسب طور تي متاثر ڪيو. موجوده موسيم??تي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ??اڪ??تاني سفير مطالبو ڪيو ته عالمي انساني قانون جي لاڳو ڪرڻ کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ جنيوا ڪنوينشز کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن نَون ۽ جديد مالي??تي طريقيڪار کي استعمال ڪندي عالمي مالي??تي ادارن جي شموليت سان انساني مدد لاءِ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ميمبر ملڪن، گڏيل قومن ??ي ايجنسين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گهرجي ته هو موسمي??تي آفتن کي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ ۽ ان سان موسمي??تي تبديلي جا انسانن تي اثر ۽ انساني همدردي جي تياري ۽ ردعمل ذريعي موافقت ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي تيز ڪن. سفير چيو ته تازي عالمي بحرانن کي حل ڪرڻ بنا اسان نه ته پنهنجي موجوده نسلن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي ايندڙ نسلن کي تحفظ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته وقت جلدي سان گذري رهيو آهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
پاڪستان پاران پرڏيهي قبضن ۽ آبهوا ۾ تبديلين سبب متاثر 30 ڪروڙ ماڻهن جي مدد لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔