اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي اڪثر ادارن وٽ ڪو بزنس ريسرچ ۽ منصوبابندي موجود نه آهي جنهن جي بنياد تي ??يڊيا جي بدلجندڙ ماحول کي منهن ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري سگهجي، ميڊيا انڊسٽري جي بحران جو تعلق معيشت سان نه آهي پر ٽيڪنالاجي سان آهي، ميڊيا پليٽ ف??رمز تيزي سان بدلجي رهيو آهي، روايتي ??يديا جي اشتهارن جي آمدني گهٽ جڏهن ته غير روايتي ??يديا جي وڌي رهي آهي، حڪومت پنهنجي مهم پاليسي تبديل ڪري ان ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي به شامل ڪيو آهي، هاڻي اشتهارن جو ٽيون حصو آمدني ڊيجيٽل ميڊيا ڏانهن ويندي. پاڪستان جي پهرين انڪيو بيٽر اينڊ ايسيليٽر فار ٽيڪ بيسڊ ڊجيٽل ميڊيا اسٽارٽ اپ ”ميڊيا ليب“ جي لانچنگ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته فيس بڪ انتظاميه کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پاڪستان کان اشتهار وٺڻ چاهي ٿي ته هتي ??نهنجي آفيس کولي.
ملڪ ۾ ميڊيا جي ادارن وٽ بزنس ريسرچ ۽ منصوبابندي نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل