اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته سي پيڪ بيل?? ا??نڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي. 2013ع ۾ ان جي افتتاح کان هاڻي تائين ٻئي ملڪ گڏيل مشاورت، گڏيل تعمير ۽ گڏيل شيئرنگ جي اصولن مطابق سي پيڪ منصوبن جي تعمير کي ??ڳتي وڌائي رهيا آهن ?? ا?? حوالي سان ڪيترائي شروعاتي ثمر حاصل ڪيا ويا آهن، جن جي ڪري نه صرف پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ کي نئين قوت ملي آهي پر خطي ۾ گڏيل رابطي ۽ ضم ٿيڻ جي عمل لاءِ به سٺو بنياد وڌو ويو آهي. سي پيڪ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ چئني موسم جي دوستيءَ جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت بڻجي چڪو آهي. اها راهداري ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين دؤر ۾ چين پاڪ هم نصيب معاشرو جوڙڻ ۾ اهم حمايت به فراهم ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن چائينا ميڊيا گروپ مطابق چيني صدر چين پاڪ اقتصادي راهداري جي افتتاح جي 10هين سالگره تقريب تي مبارڪباد جي پيغام ۾ زور ڀريو ته مستقبل ۾ چين پاڪستان سان گڏجي اعليٰ معياري، پائيدار ۽ عوام دوست هدفن تي قائم رهندي منصوبا بندي ?? ا??تظامن کي ??هتر بنائڻ ۽ سهڪار کي واڌ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن سي پيڪ کي ??يل?? ا??نڊ روڊ انيشيئٽو جي اعليٰ معيار کان گڏيل تعمير جي شعبي ۾ هڪ مثالي منصوبو بنايو وڃي.
سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج