گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي صدر محمد حسن روحاني سان نيويارڪ ۾ اهم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ کانسواءِ علائقائي امن ۽ استحڪام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم پرامن پاڙيسر?? جي پاليسي جو ورجاءُ ڪندي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ پرعزم ??هي. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هڪ تاريخ، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تي قائم آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي را??طن ۾ اضافي سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II