ماسڪو-05 ڊسمبر (اي پي پي) روسي صدر ولادي ميرپيوٽن هلندڙ هفتي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو دؤرو ڪندو. روسي ذريعن پيوٽن جي معاون يوري او??اڪوف جي حوالي سان ٻُڌايو ته صدر پيوٽن پهرين گڏيل عرب امارات ۽ پوءِ سعودي عرب ويندو، جتي هو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان گڏ م??اقات ڪندو. يوري او??اڪوف ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات انتهائي مفيد ثابت ٿيندي. واضح رهي ته روس، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ٽيئي ملڪ تيل روانگي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ پلس جا ميمبر آهن. اوپيڪ گذريل خميس تي خام تيل جي پيدا??ار ۾ رضاڪارانه طور تي 22 لک بيرل ڏهاڙي گهٽتائيءَ تي ات??اق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ