رياض_10 جنوري(اي پي پي)پرڏيهي لاڳاپن ۽ سلامتي پاليسي بابت ??ور??ي يونين جي هاءِ ڪمشنر جوزف بوريل چيو آهي ته غزه ۾ جاني نقصان جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي،ميڊيا رپورٽن موجب لبنان ۽ سعودي عرب ۾ ملاقاتن ۽ ڳالهين کان پوءِ جاري بيان ۾ هن چيو ته دوري دوران غزه ۾ انساني صورتحال ۽ علائقائي جنگ ۾ تبديلي تي ڌيان ڏنو ويو، هن چيو ته گ??يل قومن جي فلسطيني پنهاگيرن لاءِ ا??دا??ي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر فلپ لازاريني سان ملاقات دوران اسان غزه جي حالتن بابت معلومات حاصل ڪئي، علائقي ۾ لکين انسان بي گهر آهن، کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به آهي ۽ حالتون انتهائي خوفناڪ آهن. بوريل لبنان اسرائيل سرحد تي ڇڪتاڻ ۽ احمر سمنڊ ۾ وڌنڌڙ علائقائي چڪرين ۾ تبديلي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جنگ کي ڦهلائڻ نه پر ان جي خاتمي جي ضرورت آهي،ان جو واحد طريقو اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ چڪرين جو سياس?? حل آهي، هن چيو ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ڳالهين ۾ اسان وچ اوڀر ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو ان مسئلي جو فوجي نه پر سياس?? حل ٿيڻ گهرجي.واضع رهي ته جوزف بورين رياض ۾ نار سهڪار ڪونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البدوي سان ملاقات ڪئي هئي.
غزه ۾ جاني نقصان جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي:يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن