دوحه- 13 فيبروري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ??زه جي پٽي ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن جي تازي ترين صورتحال تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئ?? آهي. اردو نيوز مطابق دوحه ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ??زه ۾ فوري جنگ بندي جي غرض سان ٿيندڙ معاهدي لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??، جنهن سان فلسطين مسئلو جو هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي راهه هموار ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تشدد ۾ اضافي تي به خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئ?? ۽ ٻطرفا لاڳاپن ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي طريقي جو جائزو ورتو. شيخ تميم فلسطيني جدوجهد لاءِ قطر جي غير متزلزل حمايت ۽ فلسطيني عوام سان ان جي صحيح قومي امنگن جي حصول جي ڪوششن ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪ??و. هن چيو ته قطر جي عوام ??زه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ اولهندي ڪناري ۾ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي غرض سان سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن لاءِ پرعزم آهي.
فلسطيني صدر جي قطر جي امير سان ملاقات، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات