اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عوام کي درپيش چئيلنجن کي منهن ڏيڻ ۽ جمهوريت، قومي ادارن ۽ معيشت جي مضبوطي جي لاءِ قومي اتحاد ۽ هم آهنگي ضروري آهي. ٽي وي چينل سان ڳالها??ين??ي هن چيو ته حڪومت تي تنقيد مخالف ڌر جو حق آهي تنهن هوندي به مخالف ڌر کي ترقياتي عمل ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي، اسان کي هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ نه گهرجي پر پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گ??مزن آهيون، ڪاميابي اسان جو مق??ر ۽ منزل ويجهو آهي جيڪڏهن اسان ان ئي جذبي تحت پنهنجو سفر جاري رکون ته ڪجهه عنصر اسان جي مق??د حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿا وجهي سگهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان