اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جمهوريت ۽ آزاد ميڊيا جو اڻٽٽ رشتو آهي، آزاد ميڊيا عوام تائين معلومات پهچائڻ سان گڏوگڏ معاشري ۾ جمهوري قدر روشناس لاءِ به پنهنجون ذميداريون ادا ڪري رهيو آهي، مملڪتي وزير ا?? ڳالهه جو اظهار پي ايف يو جي ?? آر آءِ يو جي جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته حڪو??ت آزاد ۽ ذميدار ميڊيا جي ترقي ۾ معاونت جاري رکندي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين جي ڀلائي ۽ حفاظت موجوده جمهوري حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اسلامي جمهور??ه پاڪستان جي آئين هر شهري کي تحفظ، عزت ۽ رليف جو حق ڏنو آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2