اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته محمد نواز شريف جي قافلي ۾ شريڪ ماڻهن سن??س پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو آهي، عوام سندس جهلڪ ڏسڻ ۽ آواز ٻڌڻ جي لاءِ بيقرار آهي، اهو آهي اهو اعتماد جيڪو عو??م جو نواز شريف تي آهي جيڪو اڄ پ??ري قوم ڏٺو جيڪي ماڻهو کيس ووٽ ڏين ٿا اهي ڄاڻين ٿا ته سندن وزيراعظم ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي ۽ ان جو ثبوت عو??م جو اڄ جو اظهار يڪجهتي آهي، محمد نواز شريف سدائين ادارن جي احترام ۽ قانون جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪڏهن هو ادارن سان ٽڪراءُ چاهي ها ته انهن آڏو پيش نه ٿئي ها. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته جڏهن نواز شريف جو قافلو اسلام آباد کان لاهور جي لاءِ روانو ٿيو ته ملڪ جي هر ڪنڊ مان آيل ماڻهن سن??س پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری