جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چي?? آهي ته اوورسيز پاڪستانين ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ اسان انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ شاهه فيصل محل ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن، ڊاڪٽرز، ٽيچرز، تعليمي ماهرن، انجنيئرن، ڪانٽريڪٽرز ۽ بلڊرز ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چي?? ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪي?? آهي. حڪومت سمورن ڪنسٽرڪشن ڪمپنين کي پاڪستان اچ?? جي دعوت ڏيندي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو ذريعي سهولت فراهم ڪندي. هن چي?? ته اقتدار ۾ اچ?? کانپوءِ سندس بدعنواني ۽ قبضي گروپن جي خلاف جنگ آهي. حڪومت اسلام آباد ۾ قبضن جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ هيستائين 300 ارب رپين جي زمي?? خالي ڪرائي وئي آهي. هن چي?? ته پاڪستان جاگرافيائي، تزويراتي پوزيشن هجڻ سبب ملڪ خوشحال ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڀيرو گورننس جو نظام بهتر ٿي ويو ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين راهه تي گامزن ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ 300 ارب رپين جي زمين قبضي کان خالي ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste