اسلام آباد – 28 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي روڪيو ويو آهي، خطرو اڃان موجود آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم جو تعاون گهربل آهي، محرم الحرام ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي بحالي جي حوالي سان صوبائي حڪومتون اسڪولن جي انتظاميه ۽ ٻي?? لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪووڊ -19 بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena