اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪ?? قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل ت??افي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جار?? تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چي?? ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چي?? ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنج?? تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چي?? ته قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چي?? ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چي?? ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل ت??افي نقصان آهي. هنن چي?? ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.
اسد قيصر ۽ قاسم خان سوري پاران ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria