اسلام آباد – 30 R11; جون (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏي??ي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يانگ جيچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم شه??از شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏي??ي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير حنا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يانگ جيچي سان 2015ع ۾ چيني صدر جي ??ور?? جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صدر جي وفد جي اهم ميمبر جي حيثيت سان يانگ جيچي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ سي پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يانگ جيچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين پاڪستان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻن??ي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي بيجنگ جي ??ور?? جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ساڻس يانگ جيچي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته سي پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يانگ جيچي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شه??از شريف جي قيادت ۾ پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر