اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ س??ب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ موسمياتي ت??دي??ي ??ي خطرن جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز اتحاد جي قيام جي ذريعي پاڪستان ۾ موسيماتي ت??دي??ي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي دوري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير صوبي ۾ موسمياتي ت??دي??ي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف مقامي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي دوري جي موقعي تي هن پاڪستان ۾ موسيماتي ت??دي??ي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ??ختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز اتحاد جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط تعاون جي اهيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني مان جاري هڪ پريس رليز موجب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جي هڪ منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪنن جي سربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مقصد موسمياتي ت??دي??ي کي منهن ڏيڻ، موسمياتي خطرن جي باري ۾ آگاهي ۽ موسمياتي ت??دي??ين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ ??ختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ سال ٻوڏ س??ب ??تا??ر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امداد فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو اڃان به مڪمل طور تي ناهي ٿي سگهيو: ڊونلڊ بلوم
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس