اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ جمعي کان سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حي??يت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب ??مي?? سريلنڪا جي ق??ادت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سارڪ ??مي?? گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني کر جو سريلنڪا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II