لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏي??دڙ يونيورسٽي آف ايجوڪ??شن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي نا??يواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجمان موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿي??دڙ هڪ پروقار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان موجب پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنري سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪ??شن ڪم??شن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رک??دڙ ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي مل??دڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان موجب يونيورسٽي آف ايجوڪ??شن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.
صدر پاران يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ