اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 16 مئي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ۽ راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني ??هي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، گهرو وزارت ۽ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني ??ڻائي ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ايڪشن ورتو وڃي، وزيراعظم چيو ته ايران سان گهٽ لاڳت بجلي جي درآمد سان بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ”روڊ ٽو مڪه“ منصوبي سان پاڪستاني ??اجين کي بهترين سهولتون ملنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن کي ايران جي دوري تي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي وزيراعظم انهن کي پنهنجي گذريل ڏينهن جي پا?? ايران سرحد جي دوري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايراني ??در جي ذاتي دلچسپي ۽ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۾ ايران کان 100 ميگاواٽ سستي بجلي جي درآمد جو منصوبو گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو جيڪو وڏي عرصي کان التوا جو شڪار هو، ان منصوبي سان ڏکڻ بلوچستان خاص طور تي گوادر ۾ بجلي جي پهچ يقيني ??ڻائي وئي آهي، ان منصوبي سان بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، اهڙي طرح ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن سان پا?? ايران سرحد جي ٻنهي طرفن جي رهواسين جي لاءِ ڪاروبار ۽ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿيندا ۽ ترقي جو نئون سفر شروع ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ايراني ??در پا?? ايران واپار جي گڏيل فروغ ۾ پڻ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ شمسي توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايران جو دورو ڪندو ته جيئن انهن معاملن تي ٺوس اڳڀرائي ٿئي. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن 900 ميل ڊگهي سرحد تي سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سيڪيورٽي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ايراني ??در کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ??يڪا هن قبول ڪئي. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي سعودي عرب سان اڱاري ڏينهن صحيحون ڪيل ”روڊ ٽو مڪه“ معاهدي جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستاني ??اجين جو وڏو انگ فائدو کڻي سگهندو. ان معاهدي تحت اسلام آباد ايئرپورٽ تان 26143 پاڪستاني ??اجين جي اميگريشن جو عمل اسلام آباد ايئرپورٽ تي ئي ٿيندو ۽ اهي سعودي ايئرپورٽ تي ڊگهي انتظار کان بچي ??ين??ا. ??ن معاهدي تي عملدرآمد ڪالهه کان شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي حڪومت جي معاونت سان ايندڙ سال لاهور ۽ ڪراچي کان به ويندڙ حاجين کي اها سهولت ملي سگهندي. وزيراعظم چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو گهٽتائي جي تناسب سان ڪراين ۽ ضرورت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني ??ڻائي وڃي. هن چيو ته گهرو وزارت ۽ سڄي ملڪ ۾ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني ??ڻائي، ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ايڪشن کنيو وڃي. وفاقي ڪابينا راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان نئين ٽربيونل تي ڪي اضافي خرچ ٿيندا پر موجوده احتساب عدالت نمبر 4 کي انشورنس ٽربيونل ۾ تبديل ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 مئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.
وفاقي ڪابينا جي 16 مئي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ۽ راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري، وزيراعظم پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں