اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي جنرل مئنيجر (جي ايم) خالد محمود لکڻ جي خلاف هراسمينٽ جي خ??تم?? بابت وفاقي محتسب پاران هنيل سزا جو حڪم برقرار رکيو آهي. جنسي هراسمينٽ ڪيس ۾ جي ايم پي ٽي وي کي نوڪري تان برطرفي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي آهي. خالد محمود کي پي ٽي وي سينٽر ملتان جي هڪ عورت ميڪ اپ آرٽسٽ کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي هراسمينٽ جي خ??تم?? بابت وفاقي محتسب هڪ هفتي جي ا??در جوابدار تي سزا لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر جي ايم پي ٽي وي جي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. هن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ا??ان جو مذهب ۽ قانون ٻئي اهڙي قسم جي عمل جي سختي سان حوصلا شڪني ڪن ٿا، معاشري ۾ سماج دشمن ۽ عور??ن کي هراسان ڪندڙن کي واضح پيغام ڏيڻ ضروري آهي، پاڪستان عورتن طرف اهڙي اڻوڻندڙ رويي کي برداشت نه ڪندو. صدر چيو ته جوابدار پاڻ ڪارروائي کي ڊيگهه ڏني ۽ بار بار التوا جو فائدو ورتو. هن چيو ته منصفاڻي ٽرائل جو حق انصاف جو مڃيل اصول آهي پر قانوني عمل جي غلط استعمال جي پڻ اجازت نه آهي، ضروري آهي ته ا??ان عورتن جي لاءِ عوامي ۽ نوڪرين وارين جاين کي محفوظ بڻايون، بار بار التوا جي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان ڪيس ۾ هراسمينٽ جي خ??تم?? بابت وفاقي محتسب صحيح حڪم جاري ڪيو، فيصلو قانون ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي.
صدر پاران پي ٽي وي جي جي ايم خالد محمود لکڻ خلاف هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي ڏنل سزا جو حڪم برقرار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ