اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي ??لو??، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سا?? قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن او آءِ سي پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ڪئي. هن ??يو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، سموريون مذهبي علامتون، مقدس شخصيتون ۽ آسماني ڪتاب سمورن عقيدن جي پيروڪارن جي لاءِ هڪ جهڙا مقدس آهن. وزيراعظم ??يو ته اظهار جي آز??دي جي نالي تي قرآن پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪ??ن ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعام بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ??يو ته مذهبي رواداري، تڪثيريت ۽ سمورن عقيدن جي احترام جي گڏيل قدرن جي تحفظ جي عزم تي اتفاق راءِ سا?? انسانيت جي بهتر خدمت ٿئي ٿي.
پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز