اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جو شڪار قومي ملڪيتي ادارن جي فوري نجڪاري ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد نگران وزيراعظم کي خساري جي شڪار قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم خساري جي شڪار قومي ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جي شڪار ادارن (ايس او ايز) جي فوري نجڪاري ضروري آهي، ان ڳالهه ۾ خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado