اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز انهن آرڊيننسز جي فوري ضرورت تي صدر کي بريفنگ ڏني جيئن ته انهن چئن رياستي ملڪيت انٽرپرائيزز (ايس او اي) جي حوالي سان هلندڙ سال جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان ??تفاق راءِ ٿيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران ??اري ڪيل پڌرائي موجب انهن ادارن جي قانونن ۾ ترميمن جن تي صدر صحيحون ڪيون آهن، انهن کي جنوري 2023ع ۾ لاڳو ڪيل رياستي ملڪي ادارن (گورننس اينڊ آپريشن) ايڪٽ 2023ع موجب آڻڻ جي لاءِ ڪيو و??و آهي. خدمتن جي فراهمي جي معيار کي وڌائڻ ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط آڻي ايس او ايز جي گورننس ۽ آپريشنز کي ??هت?? بڻائڻ آهي. حڪومت هاڻي ايس او اي قانون جي شقن کي اهڙن ادارن تائين توسيع ڏيڻ جي عمل ۾ آهي جيڪي خصوصي قانونن تحت هلن ٿا ان ??ان ??نهن جا آپريشنز موثر ۽ شفاف ٿيندا. اهي ترميمون رياستي ملڪيتي ادارن (ايس او اي) سڌارن جو حصو آهن جن تي پاڪستان ??ڪومت عالمي حصيدارن سان ??تفاق ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ايس بي اي ۾ هڪ بئنچ مارڪ طور شامل آهن. نئين ترميمن ذريعي بورڊ جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي آفيسن کي مٿي ڄاڻايل سمورن ادارن ۾ جدا ڪيو و??ندو ته جيئن عالمي ??هت??ين طريقن موجب ??هت??ين گورننس کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن ادارن جي بورڊز ۾ آزاد ميمبرن کي شامل ڪيو و??ندو جيڪي فيصلاسازي جي عمل ۾ نئين تصورن ۽ آزاداڻي مهارت جو اضافو ڪندا. آزاد ميمبرن جي ملازمت جي مدي جي حفاظت کي پڻ يقيني بڻايو و??و. اهي ترميمون ايس او ايز ايڪٽ جي ٻين شقن جي لاڳو کانسواءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ سالياني بزنس پلان ??ي تياري سميت عوامي آگاهي کي پڻ يقيني بڻائينديون. اهو يونٽ ناڻي واري وزارت ۾ قائم ڪيو و??و آهي جنهن جو مقصد ايس او ايز جي ڪارڪردگي جو جائزو و??ڻ، سالياني بزنس پلان ??ي تياري ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ رپورٽس تيار ڪرڻ آهي. انهن قدمن سان ??نهن ايس او ايز جي فعاليت، نگراني ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. سي ايم يو اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ??اقاعدگي سان ??پورٽ پيش ڪندو، اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي انهن ايس او ايز جي ڪمزورين ۽ خوبين کي واضح ڪري سگهبو. مجموعي طور تي انهن سرڪاري ادارن جي قانونن ۾ ترميمن سان ??هت?? طرز حڪمراني، خدمتن جي فراهمي ۽ عوام کي جوابدهي يقيني ٿي سگهندي.
وفاقي حڪومت پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria