اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان ??ي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، خضدار – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي لاءِ معاملن کي تيزي سان ??ڳتي وڌايو وڃي، ڪڇي ڪينال منصوبي جي معاملن جي حوالي سان منصوبابندي واري نگران وف??قي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان ??ي نگران وڏن وزيرن تي ٻڌل بين الصوبائي ڪميٽي جوڙي وڃي، جابلو نالن مان ??يندڙ پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چيڪ ڊيمز ٺاهيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بلوچستان ??ي معاملن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان ??ي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، بلوچستان ??ي تعليم واري نگران وزير ڊاڪٽر قادر بلوچ، چيف سيڪريٽري بلوچستان ??ڪيل قادر بلوچستان ??ي نگران ??ڪومت جي نمائندگي ڪئي. نگران وف??قي حڪومت پاران منصوبابندي واري نگران وف??قي وزير سميع سعيد، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وف??قي وزير احمد عرفان ??سلم ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ??ندي نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ??ي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بلوچستان ??ي سمورن پاڻي منصوبن ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ۽ ڪلائميٽ فنانس کي نظر ۾ رکيو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خضدار – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي لاءِ معاملن کي تيزي سان ??ڳتي وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته خضدار ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير سان ملڪ جي مختلف علائقن کي متبادل لنگهه ملندو ۽ رابطو آسان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته نگران وزيراعظم بلوچستان ??ي سرڪاري يونيورسٽين جا مالي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظ?? ڪڇي ڪينال منصوبي جي معاملن جي حوالي سان ??ين الصوبائي ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ان ڪميٽي ۾ منصوبابندي واري نگران وف??قي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان ??ي نگران وڏن وزيرن کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي ڪڇي ڪينال جي بحالي ۽ توسيع جي حوالي سان ??جويزن کي حتمي شڪل ڏيندي. نگران وزيراعظم جابلو نالن مان ??يندڙ پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چيڪ ڊيمز ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي ته جيئن ڪڇي ڪينال ۽ پيٽ فيڊر کي جابلو نالن جي ٻوڏ واري پاڻي کان ??چائي سگهجي. نگران وزيراعظم پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام جي لاءِ ٽرالرز تي ٽريڪر سسٽم هڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس کي نادرا جي حصيداري سان گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس جي حوالي سان ٺوس نظام آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي چيف سيڪريٽري بلوچستان پاران ??وبي جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ??ڪومت صوبي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان ??والي سان ??ليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??ي سمورين هدايتن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان ??ي لاءِ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي حوالي سان ??ڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ??يو ويو ته ٽيڪس روينيو ڪليڪشن سسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي کاڻين جي کوٽائي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوئيٽا ضلعي ۾ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ ريسڪيو 1122 جو خصوصي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ موٽرويز، قومي ۽ صوبائي رستن تي سفر محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گاڏين جي ٽيسٽنگ جو ٺوس نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. بلوچستان ??ڪومت وف??قي حڪومت سان گڏجي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي خلاف قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انتظامي شفافيت وڌائڻ جي لاءِ بلوچستان ??ي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڊيٽا جي نادرا کان ??صديق ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے