اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق ??سع??د ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گل??ت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??ران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گل??ت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گل??ت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گل??ت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گل??ت بلتستان جي گورنر ۽ گل??ت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گل??ت بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.
صدر سان وفاقي وزيرن مصدق مسعود ملڪ ۽ انجنيئر امير مقام جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ