اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته خساري وارن ادا??ن جي ن??ڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادا??ن جي ن??ڪاري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادا??ن جي ن??ڪاري جي معاملن تي ??ور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪاري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي ??تفاق ڪيو. وفاقي وزير، نجڪاري ڪميشن بورڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي ن??ڪاري جي عمل ۾ ضرو?? شامل ڪريو. نجڪاري ڪميشن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي ??ريفنگ پڻ ڏني وئي.
خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد