اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي چونڊون ڪشميري عوام جي خودمختياري جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙيون چونڊون ڪشميري عوام جي لاءِ ناقابل قبول آهن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين تي مودي حڪومت کي جوابده بڻائي. صدر زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جي لاءِ راءِ شماري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر 1989ع کان پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد جي قيادت عزيز غزالي ڪري رهيو هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ڀارت جي وسيع تر حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد علائقي تي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اهڙي قسم جا قدم نه ته ڀارت جي قبضي کي قانوني حيثيت ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت، ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جي مسلمانن کي اقليت ۾ بدل??ئڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ ڏنل قربانين جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن سان يڪجه??ي جاري رکندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪندو رهندو. وفد صدر کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ مودي حڪومت جي ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پوري ڪشميري قيادت کي ڪشميري عوام جو آواز دٻ??ئڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو آهي. وفد صدر کي آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ پناهگيرن جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي غيرقانوني قدمن ۽ ظلمن تي احتجاج رڪارڊ ڪر??ئڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پناهگيرن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته آزاد ڪشمير حڪومت کي چيو ويندو ته اها پناهگيرن جي لاءِ گذاره الائونس ۾ اضافو ڪري ۽ ٻيا امدادي قدم فراهم ڪري. هن يقين ڏياريو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي پاڪستان 8 هزار پناهگير خاندانن کي سهولت فراهم ڪندو. وفد ڪشميري عوام جي لاءِ پاڪستان جي جاري اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جي ڪردار ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مختلف فورمز تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪئي.
صدر پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جُون چونڊُون واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے