اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري
۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي جي
هدايت ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدم?? سان قومي
خزاني کي اربين ??وپين ??و فائدو پهچندو، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾
آڻڻ جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،
ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ
حڪومت جي پهرين ??رجيح آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان
جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ م??صولن ۾
بهتري لاءِ قدمن جي حوالي سان اهم جائزي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم
کي شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ ۽ نگراني تي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ايف بي آر جي
ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي پهرين ??رجيح آهي. وزيراعظم
محصولن جي وصولي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان
سخت قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ
کانپوءِ محصولن ۾ وصولي ۾ بهتري ايندي. انهن سڌار?? سان کنڊ جي ذخيره
اندوزي جو خاتمو ٿيندو ۽ قيمتن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو
ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي سستي اگهه ۾ کنڊ جي فراهمي
يقيني بڻايون، کنڊ جي اسٽاڪ جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ
سپلائي چين متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙن شگر
ملن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جي هدايت ڪندي ايف بي آر جي
ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدم?? سان قومي خزاني کي اربين ??وپين ??و فائدو پهچندو.
وزيراعظم ايف بي آر ويليو چين ??ي مڪمل ڊجيٽائيزيشن جي ڪم کي جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ
جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم سيمنٽ ۽ ٽوبيڪو انڊسٽري کي وڊيو ايناليٽيڪس جو ڪم به جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي
احمد چيمه، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي
وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش