اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن ک?? حراست ۾ ورتو وڃ?? ۽ انهن جي خلاف قانوين ڪارروائي ڪئي وڃ??، گهر?? وزير جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع ۾ يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي جي ڏس ۾ مشتاق سکيرا جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي مشتاق سکيرا جا ٿورا ??ڃي??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن ک?? حراست ۾ ورتو وڃ?? ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃ??. وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف پراسيڪوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف هيستائين ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ ويندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ ويزا جي ڇنڊڇاڻ ۽ ٻين قاعدن ۽ ضابطن کي موثر بڻايو وڃ??، پاڪستان حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم گهر?? وزير جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع تي يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي ۾ پاڪستانين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي لاشن جي وطن واپسي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.
حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات